پاڪستان جي ماضي حال مستقبل تي طائرانه نظر

پاڪستان جي ماضي حال مستقبل تي طائرانه نظر

پاڪستان جي ماضي حال مستقبل تي طائرانه نظر

پاڪستان جي ماضي حال مستقبل تي طائرانه نظر (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي قومي رهنما ۽ جديد قومپرستيءَ جي باني سائين جي. ايم. سيد جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ هندستان جي ورهاڱي کان اڳ وارين سياسي حالتن، تحريڪن، نظرين ۽ انگريزن خلاف جدوجهد جي احوال سميت نئين قائم ٿيل رياست ورهاڱي متعلق پنهنجي تجربن جو احوال پيش ڪيو آهي. هن ڪتاب کي جملي طور پنجن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾: (1) پاڪستان جي قيام لاءِ تاريخي پس منظر(2) پاڪستان پيدائش لاءِ ڪارڻ (3) پاڪستان جي قيام بعد ان جي استحڪام ۾ رڪاوٽون (4) پاڪستان جي مستقبل تي نظر (5) سنڌ ۽ پاڪستان شامل آهن. ڪتاب ۾ سائين جي. ايم. سيد پنهنجي سياسي آزمودن جي تذڪري سميت ٻارنهن شخصن جو تذڪرو ڪيو آهي. جن جو سندس تعليمات تي اثر ٿيو. ڪتاب ۾ مهاجر- پنجابي مستقبل مفاد جي ڪار گذارين، سنڌ جي مستقبل نجات جي حل لاءِ تاريخي دليل درج ڪيا آهن. هندستان کي مذهب جي بنياد تي ورهائڻ سبب مستقل نقصانن بابت به تفصيل سان لکيو ويو آهي. ڪتاب ۾ قومي، نسلي، مذهبي تضادن جو به سرسري جائزو وٺي سنڌ کي درپيش خطرن بابت مواد درج ڪرڻ سميت وڌندڙ ملائيت جي رجحان، پير پرستي، وهم پرستي، جهڙن موذي مرضن بابت خبردار ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو انتساب شهيد ڏاهر ۽ شهيد الهه بخش سومري جي نالي ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو مهاڳ دادا ڪيرت پاٻاڻي، تعارف هند جي نامور تنقيد نگار گنگارام سمراٺ ۽ پيش لفظ خود سائين جي. ايم. سيد لکيو آهي. ڪرائون سائيز ۾ ٻه رنگي ٽائيٽل سان 449 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب 1973ع ۾ دادا ڪيرت پاٻاڻي بمبئي مان ڇپرائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو